19 ستمبر، 2026

هر ڏينهن نئين محبت - 50 First Dates



هفتي جي موڪل هئي ۽ سوچيم ته ڪا فلم ڏسان. فلم اهڙي هجي جيڪا دماغ تي گهڻو زور نه وجهي، ڪهاڻي سٺي هجي ۽ اداڪارا به خوبصورت هجي. خوبصورتي جي ڳالهه آئي ته منهنجي ذهن ۾ پهريون نالو ڊريو بيريمور جو آيو.

فلمون ڳوليندي هڪ نالو نظر آيو: 50 First Dates. نالو پڙهي ٿورو حيران ٿيس ته آخر هي ڪهڙي قسم جو نالو آهي؟ تجسس ۾ فلم هلائي ڇڏي.

۽ پوءِ فلم ڏسڻ کان پوءِ واقعي مزو اچي ويو.

50 First Dates 2004 ع جي هڪ رومانوي ڪاميڊي فلم آهي، جنهن ۾ ايڊم سينڊلر ۽ ڊريو بيريمور گڏ نظر اچن ٿا. ڪهاڻي هوائي جي خوبصورت ٻيٽن تي ٻڌل آهي.

ايڊم سينڊلر جو ڪردار هينري هڪ سامونڊي جانورن جو ڊاڪٽر آهي، جيڪو سياحن سان وقت گذارڻ ۽ زندگي کي بنا ڪنهن سنجيده رشتي جي هلائڻ پسند ڪري ٿو.

هڪ ڏينهن هن جي ملاقات لوسي، يعني ڊريو بيريمور، سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ پهرين ملاقات ئي ۾ سٺي دوستي ۽ ڪشش پيدا ٿي وڃي ٿي. پر ٻئي ڏينهن جڏهن هينري ٻيهر لوسي سان ملي ٿو ته هوءَ کيس بلڪل اجنبي سمجهي ٿي.

پوءِ خبر پوي ٿي ته لوسي ڪجهه عرصو اڳ هڪ سخت حادثي جو شڪار ٿي هئي، جنهن کان پوءِ سندس نئين يادگيري محفوظ نٿي رهي. هوءَ هر رات سمهڻ کان پوءِ ايندڙ ڏينهن اڳ واري حالت وساري ويهندي آهي ۽ ٻيهر حادثي کان اڳ واري ڏينهن کي ئي پنهنجي موجوده حقيقت سمجهندي آهي.

هن جو خاندان هر روز ساڳيو ماحول ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن لوسي کي پنهنجي حالت جو صدمو بار بار نه سهڻو پوي.

پر هينري لاءِ مسئلو اهو آهي ته لوسي کيس هر صبح وساري ڇڏي ٿي.

هينري پوءِ فيصلو ڪري ٿو ته جيڪڏهن لوسي کيس هر ڏينهن وساري ٿي، ته هو هر ڏينهن وري نئين سر سندس دل کٽڻ جي ڪوشش ڪندو.

ڪهاڻي سادي آهي، پر ان ۾ هڪ اهڙو خيال آهي جيڪو فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ذهن ۾ رهي ٿو: ڪنهن ماڻهوءَ کي هر روز ٻيهر چونڊڻ ۽ ساڻس ٻيهر محبت پيدا ڪرڻ.

فلم ڏسندي ڪٿي کلڻ اچي ٿو، ڪٿي ڪهاڻي دلچسپ لڳي ٿي ۽ ڪٿي جذباتي به ڪري ٿي. مون لاءِ اها اهڙي فلم هئي جيڪا موڪل جي ڏينهن آرام سان ويهي ڏسڻ لاءِ بلڪل مناسب لڳي.

14 ستمبر، 2026

ڪراچيءَ کان راولپنڊيءَ تائين — شطرنج، سفر ۽ معمول کان هڪ وقفو

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي روزاني معمول کان ٿورو پري وڃڻ به ضروري هوندو آهي. آفيس وڃڻ، ڪم ڪرڻ، واپس اچڻ ۽ وري ساڳيو معمول... زندگي ڄڻ هڪ ڊرل وانگر هلندي رهي ٿي. شايد ان ڪري سفر، ڀلي ڪيترو به ٿڪائيندڙ هجي، پنهنجي جاءِ تي هڪ نئون تجربو ضرور ڏئي ٿو.

مون کي ٻن ساٿين سان گڏ انٽر ڊپارٽمينٽل شطرنج ٽورنامينٽ لاءِ چونڊيو ويو. ميچ 14 تاريخ تي هئي، تنهنڪري اسان کي 12 تاريخ تي سفر شروع ڪرڻو هو. مان هڪ ٽيم ميٽ سان گڏ بس ذريعي ڪراچيءَ کان روانو ٿيس ۽ 13 تاريخ تي راولپنڊي پهتاسين.

تقريبن 24 ڪلاڪن جو سفر هو، اهو به لڳاتار ويٺي ويٺي. بس جون سيٽون به گهڻيون آرامده نه هيون، تنهنڪري راولپنڊي پهچڻ تائين جسماني طور ڪافي ٿڪجي چڪا هئاسين.

ٻئي ڏينهن شطرنج جي ميچ کيڏيسين، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ٽيم هارائي وئي.

حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هن ڀيري هار جو مون تي ڪو خاص اثر نه ٿيو. نه گهڻو ڏک ٿيو، نه مايوسي محسوس ٿي. شايد شطرنج سان منهنجو هي سفر هتي ئي ختم ٿيڻ وارو آهي. ممڪن آهي ته مان وري ٽورنامينٽ نه کيڏان، پر هن سفر جي ياد شايد گهڻي وقت تائين رهندي.

ميچ ختم ٿيندي ئي اسان هوٽل واپس آياسين. مون فوراً آن لائن واپسيءَ جون ٽرين جون ٽڪيٽون بڪ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. رقم به اٽڪل 25 هزار رپيا اڪائونٽ مان ڪٽجي وئي، پر ٽڪيٽون ڪنفرم نه ٿيون. ان وقت ٿوري پريشاني ٿي ته هاڻي ڇا ٿيندو.

آخرڪار ريلوي اسٽيشن پهتاسين ۽ ٻيهر ٽڪيٽون بڪ ڪرايون. هن ڀيري کيسي جي حالت به تقريبن خالي ٿي وئي، پر واپسيءَ جو رستو ٺهي ويو.

هاڻي گرين لائن جي اي سي اسٽينڊرڊ ڪوچ ۾ سفر جاري آهي. سروس ايتري خراب به ناهي. اسان کي مٿيون برٿون مليون آهن. ڀرسان ٻين مسافرن ۾ عورتون به آهن، تنهنڪري پنهنجي جاءِ ۽ سفر جي ادب جو خيال رکندي خاموشيءَ سان سفر ڪري رهيا آهيون.

هي لکندي وقت سفر اڃا جاري آهي. خبر ناهي اڳتي سفر ۾ ڪهڙا تجربا انتظار ڪري رهيا آهن.

هي سفر مون کي وري اهو احساس ڏياريو ته سفر هميشه آرام ۽ سهولتن جو نالو ناهي. ڪڏهن 24 ڪلاڪن جي ٿڪائيندڙ بس جي سفر مان گذرڻو پوي ٿو، ڪڏهن ريل جي ٽڪيٽ لاءِ پريشاني ٿئي ٿي، ڪڏهن رٿابندي مطابق ڪجهه نٿو ٿئي، ۽ ڪڏهن اهڙيون ننڍيون خوشيون ملن ٿيون جن جي اڳواٽ ڪا اميد به نه هوندي آهي.

پر شايد سفر جي اصل خوبي به اها ئي آهي.

روز جي هڪجهڙي زندگيءَ کان ٻاهر نڪري، ڪجهه وقت لاءِ نئين جاءِ، نون ماڻهن ۽ نون تجربن سان منهن ڏيڻ انسان کي پنهنجي معمول کان ٻاهر ڪڍي ٿو.

هر سفر خوشگوار نه هوندو آهي، پر هر سفر ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ضرور ويندو آهي.

۽ شايد ڪڏهن ڪڏهن منزل کان وڌيڪ اهم اهو ئي هوندو آهي ته اسان رستي ۾ ڇا محسوس ڪيو، ڇا ڏٺو ۽ ڇا سکيو.

13 اگست، 2026

چاهہ جي چڻنگ ۽ عشق جو ڪو اُلو

چاهہ جي چڻنگ ۽ عشق جو ڪو اُلو، جان منهنجي جلائي تہ مان ڇا ڪريان!؟
 منهنجا سهڻا سڄڻ، منهنجا پيار پرين، ياد تنهنجي ستائي تہ مان ڇا ڪريان!؟ 

 مان تہ ڪاريهرن کي بہ ڪيري وڌو، کوڙ واسينگ واٽن تي ڊاهي وڌا، 
عام نانگن کي مارڻ سڻائو مگر، نينهن جو نانگ تہ کائي تہ مان ڇا ڪريان!؟ 

 سمجهه ۾ ڳالهہ مونکي اچي ڪانہ ٿي، حوصلہ سڀ هتي هار کائي ويا، 
حسن هلچل مچائي تہ مان ڇا ڪريان، برهہ بيخود بڻائي تہ مان ڇا ڪريان!؟ 

 مونکي روئيندو ڏسي پوءِ بہ افسوس آ موٽ ۾ هن چڙي ائين چيو اي حليم 
ڪوئي ماڻهو جي مدھوش ۽ مست ٿي حال پنھنجا وڃائي تہ مان ڇا ڪريان!؟ 

 حليم باغي. 

21 دسمبر، 2025

21 دسمبر، 2021

دنيا اک ڇنڀ جو ميلو!

 حسين ڪپري 

هي دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي. ڪجهه وقت جو جيئڻ ۽ پوءِ هميشهه لاءِ هليو وڃڻ، انهي تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دل نٿي ڪري. جر تي ڦوٽي جيئن جيون جي بي ثباتي جو احساس سدائين اداس رکي ٿو. ان مختصر حياتي کي گذارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ فاني انسان جيڪي به ڪم ۽ اٽڪلون ڪري ٿو سي سڀ ٻن ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، هڪ گناهه ۽ ٻيو ثواب! چون ٿا هي چار ڏينهن جي دنيا، هفتي ۾ ٺهي راس ٿي. انهي وچ ۾ اهو سڀ ڪجهه بنجي ويو جيڪو اسين ڏسون ٿا. 

14 دسمبر، 2021

حسين ڪپري: ڪتابن جو شوق

 

ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن کي به سمجهائين ڪونه! سمجهائڻ ته پري رهيو، هو ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته  ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري. جيڪڏهن ڪتاب ملي ويس ته واپس ڪو نه ڪندو پر جي  سختي ڪري واپس وٺبو ته ڳالهائڻ ڇڏي ويندو! معنيٰ ته ڪتاب  ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي!

13 دسمبر، 2021

حسين ڪپري: پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش!


پهرين مون پنهنجو نالو سليٽ تي لکيو، پوءِ ڪتاب تي لکيو ۽ پوءِ ڀت تي لکيو. تڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ۽ ٻاراڻي ذهن سان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس. پر مون جيڪا به ڪوشش ڪئي سا ناڪام ٿي، ڇو ته سليٽ ٽٽي وئي، ڪتاب ڦاٽي پيو ۽ ڀت ڪري پئي! اسڪول مان ٿي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ جنه

15 نومبر، 2021

شوڪت حسين شورو: بيٺڪيت ۽ پوءِ جا اثر

17 هين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ هالينڊ ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ انهن فتح ڪيل ملڪن کي ڪالوني جو درجو ڏنو. سندن انهيءَ سامراجي نظام کي بيٺڪي راڄ Colonialism) )سڏيو ويو، جيڪو 20 هين صديءَ جي اڌ ڌاري ختم ٿيو. بيٺڪيت ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي ماڻهن کي محڪوم بنايو ويو، ۽ انهن ملڪن جي سمورن وسيلن ۽ دولت کي ڦري لٽي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويو ۽ پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ وڌايو ويو. بيٺڪيت اصل ۾ غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل هئي. بيٺڪي راڄ انهن ملڪن جي ماڻهن سان غلاميءَ وارو رويو اختيار ڪيو. انگريزن هندستان تي قبضو ڪري پاڻ کي اتي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ مٿانهين، مهذب ۽ برتر قوم سڏيو، ان احساس برتري ۾ هندستان جي ماڻهن کي اڻ سڌريل، جاهل ۽ انتهائي پستيءَ ۾ ڪريل سمجهيو ويو. هتي جي ماڻهن جي زبانن ۽ ڪلچر کي هيٺئين درجي جو ڪري ليکيو ويو، جن جي اڳيان انگريزي تهذيب ۽ ثقافت کي اعليٰ درجو حاصل هو. سامراجي طاقتن اتي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي به فتح ڪرڻ چاهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ذهنن کي متاثر ڪيو وڃي.

هندستان ۾ انگريزن جي حڪومت وڏي عرصي تائين قائم رهي. سڄي هندستان کي فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن انگريزن کي احساس ٿيو ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيترو لڳاءُ آهي ته هنن هڪ ڪاميٽيءَ جي وسيلي نئون سنڌي الف-ب ٺهرايو. هنن سڄي سنڌ ۾ اسڪول قائم ڪري انهن ۾ بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ شروع ڪئي. ان پرائمري تعليم کان پوءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڌيڪ زور انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي ڏنو ويو. انگريزي ٻوليءَ جي وسيلي هنن پنهنجن قدرن ۽ ڪلچر کي مڪاني ماڻهن جي ذهنن تي مڙهيو، اهي پڙهي تيار ٿي نڪتل مڪاني ماڻهو پاڻ کي ”صاحبلوڪ“ سمجهڻ لڳا. تعليمي ۽ علمي ترقي جي پٺيان انگريزن جو پنهنجو غرض ۽ مطلب هو. هنن کي هڪ ته ڪلارڪن ۽ منشين جي ضرورت هئي، جيڪي هيٺين سطح تي سندن بيٺڪيت واري نظام کي هلائڻ جي لاءِ ڪارآمد بنجي سگهن. ٻيو مقصد اهو هو ته پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ انگريز علمي ميدان ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ڪندا رهيا، جن سان سندن حاڪميت کي وڌيڪ استحڪام ملي. اسان جهڙيون محڪوم قومون ائين سمجهنديون رهيون ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي ڀلي لاءِ ترقيءَ طرف قدم آهي، جنهن کانسواءِ اسان جي ذهني ۽ علمي پسماندگي جو ازالو ڪرڻ ممڪن ناهي. اها خبر ڪا نه پئي ته بيٺڪيت جي نظام ۾ علمي ۽ ثقافتي پرماريت جو پهلو لڪل هوندو آهي.

سنڌ جي تناظر ۾ انگريزن جي ڪيل خدمتن تي نظر وڌي وڃي ته مٿئين سطح تي ائين چيو ويندو ته هنن گهڻن معاملن ۾ اسان جون اکيون کولي ڇڏيون. نون علمن جا دروازا کوليا، نئين زندگيءَ سان روشناس ڪرايو، نئين ڄاڻ ڏني، حڪومت جو هڪ نئون نظام رائج ڪيو ۽ صحت جي سهولتن سان ڪيترن مرضن ۽ وبائن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پر انهن سڀني ڳالهين سان گڏ انگريزن اسان جي ڳچين ۾ غلاميءَ جو جيڪو  ڳٽ وڌو، سو سندن وڃڻ جي اڌ صديءَ کانپوءِ به اسين ڪڍي ڪو نه سگهيا آهيون. گذريل 63 سالن ۾ انگريزن جي جاءِ تي آيل نون حاڪمن اسان جي ڳچين ۾ اهو ڳٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو آهي. سنڌ سان اڄ به اهو ئي رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

قومن جي نفسيات تي ذهني غلاميءَ جا اثر نهايت گهرا هوندا آهن. انگريزن جي حاڪميت ختم ٿيڻ کانپوءِ بعد جا اثر اڃا وڌيڪ زور وٺي ويا آهن، انگريز جيڪو ٻج پوکي ويا سو وڌي گهاٽو وڻ بنجي چڪو آهي. ان وڻ جي ڇانوَ هيٺ اسين پنهنجي ثقافت جي رنگن کي وساري ويٺا آهيون، اسين پنهنجي لوڪ ادب تي شرمندگي محسوس ڪري رهيا آهيون. جديد عقل جي آڌار تي ان کي پاڪ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل  آهيون. لوڪ ڏاهپ سان گڏ سموري علمي ورثي کي حقير ۽ جهالت جي نشاني سمجهيو پيو وڃي. ائين ته خراب روايتون، ريتون ۽ رسمون دنيا جي هر قوم ۾ هونديون آهن، پر انهن کي سماجي تبديلي سان سڌاري سگهجي ٿو، نه پاڻ تي کلڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ سان. قومي احساس ڪمتري به هڪ ذهني بيماري آهي، جنهن جون پاڙون صدين جي غلاميءَ ۾ کتل آهن.

ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب Orientalism ۾ ان بابت نئين بحث جي شروعات ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته سامراجي حاڪمن جي وسيلي مطالعو، سمجهه، علم، ڇنڊ ڇاڻ سڀ سندن حاڪمانه چالاڪين سان جڙيل آهن، طاقت (Power) جي بيٺڪيت علمن تي به اثرانداز ٿئي ٿي. ايڊورڊ سعيد لکيو آهي ته يورپي ۽ آمريڪي عالمن جي مشرقي اڀياس جا بنياد اصل ۾ مشرق جي پرماريت تي رکيل آهن. مغربي طاقتون مشرقي قدرن کي گهٽ درجي جو ثابت ڪري پنهنجي احساس برتريءَ قائم رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچن ٿيون. ٻاهرين طاقتن جون حڪومتون نه رڳو پنهنجي حاڪميت جي دور ۾ رعيت جي ذهنن ۽ دماغن کي متاثر ڪنديون آهن، پر حاڪميت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ به ايترا گهڻا ديرپا اثر ڇڏي وينديون آهن، جيڪي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڌندا ئي ويندا آهن. انهن لاڙن کي پاڻ وڌيڪ طاقت ائين ملندي رهي آهي ته اولهه مان آيل هر ڳالهه، هر خيال، هر فڪر کي اسان اکين تي رکيو آهي. اسين پنهنجي ڌرتي جي ڳالهين، فڪر ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي لاءِ مغربي فڪر ۽ راين جو سهارو وٺندا ۽ سندن حوالن کي بنياد بنائيندا رهيا آهيون. اسان پنهنجي تاريخ کي به هنن جي نظر سان پڙهيو ۽ ڏٺو آهي، ان تي پاڻ ٻئي ڀيري ڳالهائينداسين. اصل ڳالهه اها آهي ته ڊگهي عرصي جي مڙهيل تابعداري جا سماجي ۽ ثقافتي تاڃي پيٽي تي گهرا اثر پوندا آهن، جن سان ذهن ڄمي ويندا آهن، ۽ هڪڙو Mind set ٺهي ويندو آهي. سوچ جي ان انداز کي بدلائڻ جي لاءِ ايڊورڊ سعيد جهڙن مفڪرن بيٺڪيت پڄاڻان Post-colonialism جو فڪر اڳيان آندو آهي، بيٺڪي حيثيت مان نڪرڻ، ذهنن کي Decolonize ڪرڻ تبديلي جو عمل آهي. ثقافت تي بيٺڪيت جي رهيل اثرن کي ختم ڪرڻ ۽ بيٺڪيت واري سوچ جي انداز مان نجات حاصل ڪري اڳتي وڌڻ فقط ذهني ۽ سماجي تبديليءَ وسيلي ممڪن آهي.

شوڪت حسين شورو

ڪاوش، جمع 4 جون 2010ع


30 اکتوبر، 2021

انيتا شاه: مادرِ علميون، استاد ۽ تحقيق!

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ منور ابڙي جو ٺاهيل هڪ ڪارٽون ڏٺم، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جي عڪاسي ٿيل هئي. بس جي مٿان، پٺيان، اندران، ٻاهران شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڄڻ ته بس جي درن ۽ درين منجهان وهن پيا. جن پڙهندڙن کي يونيورسٽيءَ جي انهن پوائنٽن ۾ چڙهڻ جو اعزاز نصيب نه ٿيو هوندو، انهن شايد انهيءَ ڪارٽون کي وڌاءُ سمجهيو هجي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن شاگردن کي ضرور انهيءَ ڪارٽون جي حقيقت پسندي ۽ حقيقي منظر نگاري جو احساس ٿيو هوندو.

29 اکتوبر، 2021

ڪتابن جو موهه (حسين ڪپري)



هو ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ ۾ هوشيار هو. جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن ڪتابن جو شوق اهڙو چڙهندو ويس جو ٻيا سڀ ڪم ڪار وساري ڇڏيائين. سندس واپاري برادري جا ماڻهو جيڪي زندگي جي هر موڙ تي آني ٽڪي جو حساب لڳائين ٿا تن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪتابن ۾ آهي ڇا، جو ونود ڪمار لائبررين جا چڪر لڳائي، بڪ اسٽالن

23 اکتوبر، 2021

فڪر ۽ اظهار جي آزادي ۽ گروهي سچ (جامي چانڊيو)



اڄ ڪله سوشل ميڊيا تي پڌرا ٿيندڙ انتهاپسند ۽ منفي رويا گهڻو بحث هيٺ آهن. دراصل سماج خارجي ۽ داخلي طور جن صورتحالن، ڪيفيتن، مصيبتن ۽ وارتائن مان گذرندا آهن، ان جو اظهار ٻين انيڪ صورتن سان گڏ پنهنجن روين سان به ڪندا آهن ۽ اهو به ضروري ناهي ته خارجي دٻائن يا انيائن جا شڪار سماج لازمي طور داخلي حوالي سان ۽ هر حوالي سان مثبت لاڙا رکندا آهن. سماج هڪ پيچيده لقاءُ آهي ۽ انڪري ان جي محرڪن، تبديلين ۽ روين توڙي حالتن ڏانهن روش کي نه رڳو پيچيده سمجهڻ گهرجي پر انهن کي سمجهڻ جي اک به سادي نه هئڻ گهرجي. انهن موضوعن تي مان ڏهاڪن کان لکندو رهيو آهيان پر

18 اکتوبر، 2021

فرمائشي پروگرامن جا شوقين (زيب سنڌي)

گهر ۾ سندس ماءُ جو لاش رکيل هو، پر جڏهن ريڊيو جي فرمائشي پروگرام جو وقت ٿيو، ته هو ماءُ جي لاش وٽان اٿي، ڪانڌين کان نظر بچائي، ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران، ديوين جي ڪنڊيدار ٻوٽن پٺيان لڪي، هن اڌ ڪلاڪ جو پورو فرمائشي پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو، ته اڄ سندس نالو پروگرام ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه! ريڊيو جي انهيءَ لسنر جو تعلق ته سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سان آهي، پر

15 اکتوبر، 2021

استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! (جامي چانڊيو)

انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ ک رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به.

11 اکتوبر، 2021

استاد بخاري: سنسار، سونهن ۽ سنڌ جو عاشق! (جامي چانڊيو)



استاد بخاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٻاروتڻ ۾ ٿي، جڏهن هو ۽ منهنجو والد صاحب عبدالحئي چانڊيو دادوءَ جي ڪاليجَ ۾ پروفيسر هئا. بُوبڪَ ۾ بابا جو دِلگُهريو دوست گل محمد ميمڻ رهندو هو جيڪو سنڌ جو مشهور حڪيم هو. اسان جو اُتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. هڪ دفعي مان بابا سان گڏ بُوبڪَ ويو هوئس ۽ واپسيءَ تي ڪاليج ۾ استادن جي اسٽاف روم ۾ مون پهرين ڀيرو استاد بخاريءَ کي ڏٺو. مون کي ٻاروتڻ کان شاعريءَ سان نه رڳو گهرو لڳاءُ هوندو هو پر مون کي تمام گهڻي سنڌي ۽ اُڙدو شاعري ياد هوندي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اُن ڏينهن استاد بخاريءَ لئه ۽ تالَ ڏئي ڏاڍي ترنم ۾ پنهجا شعر ٻڌايا هئا.

9 مئی، 2021

امڙ

 محمود مغل صاحب ڪاوش ۾ وسعت الله خان جو ھڪ آرٽيڪل ترجمو ڪري رکيو ھئو. جيڪو مائرن جي عالمي ڏھاڙي تي پڙھندڙن لاءِ حاضر آھي.


”جڏهن ابي جي پگهار جا، ساڍا ٽي سئو رپيا پورا ٿي ويندا هئا، تڏهن امڙ، اسان جي پسند جو پڪوان تيار ڪندي هئي. ترڪيب اها ئي هوندي هئي، جو سُڪل مانيءَ جا ٽُڪر، پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا ۽ مهيني جي آخر ۾ انهن ٽُڪرن جو ڀاڳ جاڳندو هو. پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، گڏ هڪ ٻه مُٺ بچيل دالين جي پيسي، جيڪو ڪم اُکري مُهريءَ تي ٿيندو هو، ديڳڙيءَ ۾ وجهي پچڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هو، تان جو زبردست مزيداري حليم ٺهي ويندو هو ۽ اسين سڀ ٻار

15 اپریل، 2021

عثمان حجم جو روزو رکڻ

عثمان حجم جو روزو رکڻ 
علي احمد بروهي
------
عثمان حجم کي روزو رکائڻ هڪ اهڙو ڪٺن ڪم هو، جھڙو ڪنهن پئنچ کي پاٽ تي وهارڻ يا اٺ کي پتڻ ٽپائڻ. ڇاڪاڻ ته عثمان پنهنجي پنجاهه سالن جي حجامڪي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڀلجي به روزو نه رکيو هو. روزو ته درڪنار، پر ٻاڪري عيد جي سوا پهر ڏينهن تائين روزو رکڻ به سندس لاءِ ناممڪن امر هو. پر اڳيان به هئا مڇڏا مڙس، جھڙوڪ صفر پان ٻيڙيءَ وارو، عدو موچي ۽ سومر نانوائي، جن يارهن مهينا اڳ اها سازش سٽي هئي ته عثمان کي روزو ضرور رکايو وڃي، سي ڪيئن ٿا باز اچن. عدو موچي، جو سازش جي پاڙ هو، تنهن ته ماه رمضان جي آمد کان ڪافي ڏينهن اڳ، روزي جي برڪت ۽ فضيلت جي بيان ۾ روايتون ۽ حديثون ٻڌائڻ شروع ڪيون. عثمان کي هرکائڻ لاءِ مٿس وقت بوقت پڌرو ڪندو رهيو ته ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت جو سودو فقط روزو رکڻ ساڻ لاڳو هو ۽ روزي رکڻ جي حالت ۾ بهشتي برڪتون ستر سيڪڙي گڏيل وياج جي حساب پلئه پيون ٿي.

15 مارچ، 2021

ابنِ انشاءِ جي ھڪ تحرير مان ٽڪرو

 



پراني زماني ۾ جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هئو تہ ڊاڪٽر وٽ ويندو هئو. ڊاڪٽر کيس ڏسندو هئو، معائنو ڪندو هئو. سندس بيماري ٻڌائيندو هئو. دوا ڏئي  سمهي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندو هئو. مريض وڃي سمهي آرام ڪندو هئو. دوا پيئندو هئو ۽ يا تہ ٺيڪ ٿي ويندو هئو يا ڪونہ ٿيندو هئو. 

هاڻي طبي سائنس ترقيءَ ڪري وئي آهي. هاڻي مريض کي وڏي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃبو آهي جنهن کي ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر چوندا آهن. اهو ڏسي ”هان“، ”هون“ ڪندو آهي ۽ مريض کي دل جي بيمارين جي ماهر ڏانهن موڪليندو آهي جيڪو کيس رت جي چڪاس لاءِ موڪليندو آهي، اهو کيس وري پيشاب جي ماهر ڊاڪٽر ڏي موڪليندو آهي.

ايتري ۾ مريض بيزاريءَ جو اظهار ڪري تہ کيس ماهرِ نفسيات ڏانهن هڪليو ويندو آهي. ان بعد آپريشن جي ضرورت پئي تہ هڪ ماهر انجيڪشن يا ڪلوروفام سُنگهائي بيهوش ڪندو آهي،انکانپوءِ اڪثر ڪري مريض صورِ اسرافيل جو آواز ٻڌي اٿي کڙو ٿيندو آهي جتي فرشتہ حساب ڪتاب لاءِ رجسٽر کنيو بيٺا هوندا آهن.

 (ابنِ انشاء جي ڪتاب "آپ سي ڪيا پرده" مان ٽڪرو)