اشاعتیں

چونڊ مضمون لیبل والی پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

دنيا اک ڇنڀ جو ميلو!

تصویر
 حسين ڪپري   هي دنيا اک ڇنڀ جو ميلو آهي. ڪجهه وقت جو جيئڻ ۽ پوءِ هميشهه لاءِ هليو وڃڻ، انهي تي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دل نٿي ڪري. جر تي ڦوٽي جيئن جيون جي بي ثباتي جو احساس سدائين اداس رکي ٿو. ان مختصر حياتي کي گذارڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ فاني انسان جيڪي به ڪم ۽ اٽڪلون ڪري ٿو سي سڀ ٻن ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، هڪ گناهه ۽ ٻيو ثواب! چون ٿا هي چار ڏينهن جي دنيا، هفتي ۾ ٺهي راس ٿي. انهي وچ ۾ اهو سڀ ڪجهه بنجي ويو جيڪو اسين ڏسون ٿا. 

حسين ڪپري: ڪتابن جو شوق

تصویر
  ماڻهو ڪتاب وٺن ڪونه، جيڪي وٺن سي پڙهن ڪونه، جيڪي پڙهن سي سمجهن ڪونه ۽ جيڪي سمجهن سي ٻي ڪنهن کي به سمجهائين ڪونه! سمجهائڻ ته پري رهيو، هو ڪنهن سان ڳالهه ئي ڪونه ڪن ڇو ته جي ڳالهه ٿا ڪن ته  ڦاسيو پون، اهو ماڻهو ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿو گهري. جيڪڏهن ڪتاب ملي ويس ته واپس ڪو نه ڪندو پر جي  سختي ڪري واپس وٺبو ته ڳالهائڻ ڇڏي ويندو! معنيٰ ته ڪتاب  ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي!

حسين ڪپري: پويان نالو ڇڏي وڃڻ جي خواهش!

تصویر
پهرين مون پنهنجو نالو سليٽ تي لکيو، پوءِ ڪتاب تي لکيو ۽ پوءِ ڀت تي لکيو. تڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ۽ ٻاراڻي ذهن سان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس. پر مون جيڪا به ڪوشش ڪئي سا ناڪام ٿي، ڇو ته سليٽ ٽٽي وئي، ڪتاب ڦاٽي پيو ۽ ڀت ڪري پئي! اسڪول مان ٿي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ جنه

شوڪت حسين شورو: بيٺڪيت ۽ پوءِ جا اثر

تصویر
17 هين صديءَ کان وٺي يورپي ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ هالينڊ ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ انهن فتح ڪيل ملڪن کي ڪالوني جو درجو ڏنو. سندن انهيءَ سامراجي نظام کي بيٺڪي راڄ Colonialism) )سڏيو ويو، جيڪو 20 هين صديءَ جي اڌ ڌاري ختم ٿيو. بيٺڪيت ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي ماڻهن کي محڪوم بنايو ويو، ۽ انهن ملڪن جي سمورن وسيلن ۽ دولت کي ڦري لٽي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويو ۽ پنهنجي طاقت کي اڃا وڌيڪ وڌايو ويو. بيٺڪيت اصل ۾ غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل هئي. بيٺڪي راڄ انهن ملڪن جي ماڻهن سان غلاميءَ وارو رويو اختيار ڪيو. انگريزن هندستان تي قبضو ڪري پاڻ کي اتي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ مٿانهين، مهذب ۽ برتر قوم سڏيو، ان احساس برتري ۾ هندستان جي ماڻهن کي اڻ سڌريل، جاهل ۽ انتهائي پستيءَ ۾ ڪريل سمجهيو ويو. هتي جي ماڻهن جي زبانن ۽ ڪلچر کي هيٺئين درجي جو ڪري ليکيو ويو، جن جي اڳيان انگريزي تهذيب ۽ ثقافت کي اعليٰ درجو حاصل هو. سامراجي طاقتن اتي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي به فتح ڪرڻ چاهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ذهنن کي متاثر ڪيو وڃي. هندستان...

انيتا شاه: مادرِ علميون، استاد ۽ تحقيق!

تصویر
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ منور ابڙي جو ٺاهيل هڪ ڪارٽون ڏٺم، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس جي عڪاسي ٿيل هئي. بس جي مٿان، پٺيان، اندران، ٻاهران شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڄڻ ته بس جي درن ۽ درين منجهان وهن پيا. جن پڙهندڙن کي يونيورسٽيءَ جي انهن پوائنٽن ۾ چڙهڻ جو اعزاز نصيب نه ٿيو هوندو، انهن شايد انهيءَ ڪارٽون کي وڌاءُ سمجهيو هجي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن شاگردن کي ضرور انهيءَ ڪارٽون جي حقيقت پسندي ۽ حقيقي منظر نگاري جو احساس ٿيو هوندو.

ڪتابن جو موهه (حسين ڪپري)

تصویر
هو ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ ۾ هوشيار هو. جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن ڪتابن جو شوق اهڙو چڙهندو ويس جو ٻيا سڀ ڪم ڪار وساري ڇڏيائين. سندس واپاري برادري جا ماڻهو جيڪي زندگي جي هر موڙ تي آني ٽڪي جو حساب لڳائين ٿا تن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪتابن ۾ آهي ڇا، جو ونود ڪمار لائبررين جا چڪر لڳائي، بڪ اسٽالن

فڪر ۽ اظهار جي آزادي ۽ گروهي سچ (جامي چانڊيو)

تصویر
اڄ ڪله سوشل ميڊيا تي پڌرا ٿيندڙ انتهاپسند ۽ منفي رويا گهڻو بحث هيٺ آهن. دراصل سماج خارجي ۽ داخلي طور جن صورتحالن، ڪيفيتن، مصيبتن ۽ وارتائن مان گذرندا آهن، ان جو اظهار ٻين انيڪ صورتن سان گڏ پنهنجن روين سان به ڪندا آهن ۽ اهو به ضروري ناهي ته خارجي دٻائن يا انيائن جا شڪار سماج لازمي طور داخلي حوالي سان ۽ هر حوالي سان مثبت لاڙا رکندا آهن. سماج هڪ پيچيده لقاءُ آهي ۽ انڪري ان جي محرڪن، تبديلين ۽ روين توڙي حالتن ڏانهن روش کي نه رڳو پيچيده سمجهڻ گهرجي پر انهن کي سمجهڻ جي اک به سادي نه هئڻ گهرجي. انهن موضوعن تي مان ڏهاڪن کان لکندو رهيو آهيان پر

فرمائشي پروگرامن جا شوقين (زيب سنڌي)

تصویر
گهر ۾ سندس ماءُ جو لاش رکيل هو، پر جڏهن ريڊيو جي فرمائشي پروگرام جو وقت ٿيو، ته هو ماءُ جي لاش وٽان اٿي، ڪانڌين کان نظر بچائي، ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران، ديوين جي ڪنڊيدار ٻوٽن پٺيان لڪي، هن اڌ ڪلاڪ جو پورو فرمائشي پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو، ته اڄ سندس نالو پروگرام ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه! ريڊيو جي انهيءَ لسنر جو تعلق ته سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سان آهي، پر

استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! (جامي چانڊيو)

تصویر
انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ ک رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به.

استاد بخاري: سنسار، سونهن ۽ سنڌ جو عاشق! (جامي چانڊيو)

تصویر
استاد بخاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٻاروتڻ ۾ ٿي، جڏهن هو ۽ منهنجو والد صاحب عبدالحئي چانڊيو دادوءَ جي ڪاليجَ ۾ پروفيسر هئا. بُوبڪَ ۾ بابا جو دِلگُهريو دوست گل محمد ميمڻ رهندو هو جيڪو سنڌ جو مشهور حڪيم هو. اسان جو اُتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. هڪ دفعي مان بابا سان گڏ بُوبڪَ ويو هوئس ۽ واپسيءَ تي ڪاليج ۾ استادن جي اسٽاف روم ۾ مون پهرين ڀيرو استاد بخاريءَ کي ڏٺو. مون کي ٻاروتڻ کان شاعريءَ سان نه رڳو گهرو لڳاءُ هوندو هو پر مون کي تمام گهڻي سنڌي ۽ اُڙدو شاعري ياد هوندي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اُن ڏينهن استاد بخاريءَ لئه ۽ تالَ ڏئي ڏاڍي ترنم ۾ پنهجا شعر ٻڌايا هئا.

امڙ

تصویر
  محمود مغل صاحب ڪاوش ۾ وسعت الله خان جو ھڪ آرٽيڪل ترجمو ڪري رکيو ھئو. جيڪو مائرن جي عالمي ڏھاڙي تي پڙھندڙن لاءِ حاضر آھي. ”جڏهن ابي جي پگهار جا، ساڍا ٽي سئو رپيا پورا ٿي ويندا هئا، تڏهن امڙ، اسان جي پسند جو پڪوان تيار ڪندي هئي. ترڪيب اها ئي هوندي هئي، جو سُڪل مانيءَ جا ٽُڪر، پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا ۽ مهيني جي آخر ۾ انهن ٽُڪرن جو ڀاڳ جاڳندو هو. پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، گڏ هڪ ٻه مُٺ بچيل دالين جي پيسي، جيڪو ڪم اُکري مُهريءَ تي ٿيندو هو، ديڳڙيءَ ۾ وجهي پچڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هو، تان جو زبردست مزيداري حليم ٺهي ويندو هو ۽ اسين سڀ ٻار

مارواڙي عورتن ۽ آغا صاحب جو قصو (اهي ڏينهن اهي شينهن)

پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب  اهي ڏينهن اهي شنهن مان کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندڙ ٽُڪرو  ************* اوائلي ڏينهن ۾، سنڌ زميندار پريس مارواڙي محلي ۾ هوندي هئي، ۽ پريس جي ٻنهي پاسن ڏانهن مارواڙين جا گهر. انهن مارواڙي عورتن جهيڙي ۽ گارين جي فن کي ترقي وٺائيندي، وڃي هڪ مستقل آرٽ جي حد تائين پهچايو هو. جهيرو ٿي پيو ته هفتن جا هفتا چالو رهندو. هر فريق محلي جي ٻين عورتن کي به وٺي اچي پاڻ سان جهيڙي ۾ شامل ڪندو. ان طريقي سان جهيڙو ڪاٿي به شروع ٿئي ۽ ڪهڙين به ٻن عورتن جي وچ ۾ ٿئي - پر محلو سارو ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويندو. جهيڙي جو پلان هيءُ هوندو: صبح جو گهر جي ڪم حاج لاهڻ بعد ٻيئي ڌريون گهرن کان ٻاهر نڪري اچي رستي تي ويهنديون، هڪٻئي جي سامهون. وچ ۾ چوني سان اڇو پٽو ڪڍي، طرفين جون حدون نروار ڪيل هونديون - پهريائين هڪ پارٽيءَ جون عورتون اٿنديون. گاريون وسائينديون، هٿن جا چالا ڪنديون، اڇي پٽي تي پهچنديون. ان کان پوءِ هو پوئتي ورنديون ۽ ٻئي طرف واريون اٿي حملو شروع ڪنديون. ساڳيءَ طرح گارين جا ”وڏڦڙا“ وسندا، ۽ هٿ فضا ۾ ڦرندا ايندا. شام  تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. گهر جي ڪم جو ...