هر ڏينهن نئين محبت - 50 First Dates



هفتي جي موڪل هئي ۽ سوچيم ته ڪا فلم ڏسان. فلم اهڙي هجي جيڪا دماغ تي گهڻو زور نه وجهي، ڪهاڻي سٺي هجي ۽ اداڪارا به خوبصورت هجي. خوبصورتي جي ڳالهه آئي ته منهنجي ذهن ۾ پهريون نالو ڊريو بيريمور جو آيو.

فلمون ڳوليندي هڪ نالو نظر آيو: 50 First Dates. نالو پڙهي ٿورو حيران ٿيس ته آخر هي ڪهڙي قسم جو نالو آهي؟ تجسس ۾ فلم هلائي ڇڏي.

۽ پوءِ فلم ڏسڻ کان پوءِ واقعي مزو اچي ويو.

50 First Dates 2004 ع جي هڪ رومانوي ڪاميڊي فلم آهي، جنهن ۾ ايڊم سينڊلر ۽ ڊريو بيريمور گڏ نظر اچن ٿا. ڪهاڻي هوائي جي خوبصورت ٻيٽن تي ٻڌل آهي.

ايڊم سينڊلر جو ڪردار هينري هڪ سامونڊي جانورن جو ڊاڪٽر آهي، جيڪو سياحن سان وقت گذارڻ ۽ زندگي کي بنا ڪنهن سنجيده رشتي جي هلائڻ پسند ڪري ٿو.

هڪ ڏينهن هن جي ملاقات لوسي، يعني ڊريو بيريمور، سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ پهرين ملاقات ئي ۾ سٺي دوستي ۽ ڪشش پيدا ٿي وڃي ٿي. پر ٻئي ڏينهن جڏهن هينري ٻيهر لوسي سان ملي ٿو ته هوءَ کيس بلڪل اجنبي سمجهي ٿي.

پوءِ خبر پوي ٿي ته لوسي ڪجهه عرصو اڳ هڪ سخت حادثي جو شڪار ٿي هئي، جنهن کان پوءِ سندس نئين يادگيري محفوظ نٿي رهي. هوءَ هر رات سمهڻ کان پوءِ ايندڙ ڏينهن اڳ واري حالت وساري ويهندي آهي ۽ ٻيهر حادثي کان اڳ واري ڏينهن کي ئي پنهنجي موجوده حقيقت سمجهندي آهي.

هن جو خاندان هر روز ساڳيو ماحول ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن لوسي کي پنهنجي حالت جو صدمو بار بار نه سهڻو پوي.

پر هينري لاءِ مسئلو اهو آهي ته لوسي کيس هر صبح وساري ڇڏي ٿي.

هينري پوءِ فيصلو ڪري ٿو ته جيڪڏهن لوسي کيس هر ڏينهن وساري ٿي، ته هو هر ڏينهن وري نئين سر سندس دل کٽڻ جي ڪوشش ڪندو.

ڪهاڻي سادي آهي، پر ان ۾ هڪ اهڙو خيال آهي جيڪو فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ذهن ۾ رهي ٿو: ڪنهن ماڻهوءَ کي هر روز ٻيهر چونڊڻ ۽ ساڻس ٻيهر محبت پيدا ڪرڻ.

فلم ڏسندي ڪٿي کلڻ اچي ٿو، ڪٿي ڪهاڻي دلچسپ لڳي ٿي ۽ ڪٿي جذباتي به ڪري ٿي. مون لاءِ اها اهڙي فلم هئي جيڪا موڪل جي ڏينهن آرام سان ويهي ڏسڻ لاءِ بلڪل مناسب لڳي.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس