سنڌسلامت ڪتاب گهر: ھڪ گمنام سپاھيءَ جي ننڍڙي ڪوشش

ڪڏھن ڪڏھن ڪو ڪم ان وقت ننڍڙو لڳندو آھي، پر وقت گذرڻ سان خبر پوندي آھي تہ ان جا اثر ڪٿي ڪٿي تائين پھتا. 2012ع يا 2013ع جي ڳالہ آھي. ان وقت انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جو مواد ڳولڻ تمام ڏکيو ھوندو ھو. اسان کي سنڌي متن جي ضرورت ھوندي ھئي؛ سرچ انجڻن لاءِ، تحقيق لاءِ، ۽ ان اميد سان تہ مستقبل ۾ سنڌي ٻولي ڊجيٽل دنيا ۾ وڌيڪ اڳتي وڌندي. اخبارون تہ ھيون، پر گهڻيون اخبارون پنھنجا صفحا تصويرن جي صورت ۾ رکنديُون ھيون. نتيجي ۾ انھن جو سنڌي متن سرچ ڪرڻ يا مشين ذريعي پڙھڻ آسان نہ ھو. سنڌيءَ ۾ فورم بہ گهڻا نہ ھئا. انھن ڏينھن ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام انھن ٿورن ھنڌن مان ھڪ ھو، جتي سنڌي لکڻي ۽ بحث لاءِ جاءِ موجود ھئي.اسان ماڻھن کي چوندا ھئاسين تہ سنڌي ۾ بلاگ لکو، Blogger يا WordPress تي سنڌي مواد وڌايو. سائين رشيد سمون سان گڏجي Blogger لاءِ سنڌي ٿيمز ٺاھڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. پر اھا ڪوشش ايتري وڏي تحريڪ نہ بڻجي سگهي، جيتري اسان سوچيندا ھئاسين.
ساڳئي عرصي ۾ مون ۽ عبيد ٿھيم، سائين رشيد سمون جي رھنمائي ھيٺ سنڌي فونٽن لاءِ ويب سائيٽ بہ ٺاھي ھئي، جيڪا  font.sindhsalamat.com جي نالي سان موجود آھي، ان  اسان کي راهہ ڏيکاري تہ اسان وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهون ٿا.  2015ع يا 2016ع ۾، تاريخ بابت مان ايترو پڪ سان نٿو چئي سگهان، منھنجي ذھن ۾ ھڪ خيال آيو: ڇو نہ سنڌي ڪتابن لاءِ اھڙي ويب سائيٽ ٺاھي وڃي، جتي ڪتاب تصويرن بدران اصل ٽيڪسٽ ۾ ھجن؟ ان جا ڪيترائي فائدا ھئا. موبائل فون ۽ اسمارٽ ڊوائيسز جو زمانو اچي چڪو ھو، تنھنڪري ڪتاب اھڙي نموني ھجن جو ننڍڙي اسڪرين تي بہ آسانيءَ سان پڙھي سگهجن. ٻيو تہ ڪتابن جو متن سرچ انجڻن ۾ اچي سگهي، ماڻھو ڪنھن لفظ، جملي يا موضوع کي ڳولي سگهن ۽ سنڌي مواد انٽرنيٽ تي وڌيڪ نظر اچي. اھڙيءَ طرح  سنڌسلامت ڪتاب گهر  جو خيال اڳتي وڌيو. شروعاتي سوچ اھا ھئي تہ شايد 50 يا 60 ڪتاب بہ ھڪ ئي ويب سائيٽ تي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ رکجن تہ اھو ھڪ وڏو ڪم ھوندو. ان وقت جا اسمارٽ فون بہ ايترا طاقتور ٿي چڪا ھئا جو وڏا ويب صفحا سنڀالي سگهندا ھئا. سائين رشيد سمون جي ھمٿ افزائي سان مون ڪتاب گهر جي شروعاتي ويب سائيٽ تي ڪم ڪيو. عبيد ٿھيم ۽ گل لاکو پڻ مدد ڪئي. 

 ايمانداريءَ سان چوان تہ اصل وڏي محنت ڪتابن جي گڏ ڪرڻ ۽ انھن کي ٽيڪسٽ ۾ آڻڻ واري ڪم ۾ ٿي. سليمان وساڻ ان ڪم ۾ تمام گهڻو اڳتي رھيو. ھن ڪتابن کي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ آڻڻ سان گڏ انھن جي حقن وارن ماڻھن ۽ ادارن کان اجازت وٺڻ جو ڪم بہ ڪيو. اھو ڪو ننڍڙو ڪم نہ ھو. وقت سان گڏ ڪتاب گهر وڌندو ويو. عبيد ٿھيم وقت بوقت سائيٽ کي اپڊيٽ ڪندو رھيو ۽ سليمان وساڻ ۽  ٽيم ڪتابن جي مواد کي مسلسل وڌائيندا رھيا.

اڄ جڏھن پوئتي نھاريان ٿو تہ محسوس ٿئي ٿو تہ اھو ننڍڙو خيال ڪافي ڊگهو سفر ڪري چڪو آھي.
اڄ سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ ھزارين ٽيڪسٽ بيسڊ ڪتابن سان گڏ PDF ڪتاب بہ موجود آھن. دنيا جي مختلف ھنڌن تي ويٺل سنڌي پڙھندڙن لاءِ، خاص طور تي سنڌ جي انھن ڏورانھن علائقن ۾ جتي ھر وقت فزيڪل لائبريري يا ڪتاب تائين پھچ آسان ناھي، ھي ھڪ ڪارائتو ذريعو بڻجي ويو آھي.محققن ۽ شاگردن لاءِ بہ اھڙو سرچ ٿيندڙ سنڌي متن وڏي اھميت رکي ٿو. ۽ ھاڻي جڏھن مصنوعي ذھانت ۽ ٻوليءَ جا ماڊل سنڌي ٻوليءَ کي بہ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، تڏھن انٽرنيٽ تي موجود اھڙو وڏو سنڌي ٽيڪسٽ يقيناً اھميت رکي ٿو. اڄ جڏھن سنڌ، سنڌي ادب يا سنڌي ٻوليءَ بابت ChatGPT جهڙن نظامن کان معلومات پڇجي ٿي تہ سنڌسلامت ڪتاب گهر جا حوالا  نظر اچن ٿا. اھو ڏسي مون کي دل ۾ ھڪ عجيب خوشي ٿيندي آھي.

مان اڪثر سوچيندو آھيان تہ شايد ھن ڪم ۾ منھنجو نالو گهڻن ماڻھن کي خبر ئي نہ ھجي. ۽ سچ پڇو تہ ھاڻي مون کي ان ڳالہ جي ڪا خاص پرواھ بہ ناھي. ھي ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ جو ڪم نہ ھو. ھي ھڪ ٽيم جو ڪم ھو. ڪنھن خيال ڏنو، ڪنھن ويب سائيٽ ٺاھي، ڪنھن ڪتاب گڏ ڪيا، ڪنھن اجازت ورتي، ڪنھن مواد کي ٽيڪسٽ ۾ آندو، ڪنھن سائيٽ کي اپڊيٽ ڪيو ۽ اڄ بہ ڪو ماڻھو ان کي زندہ رکڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رھيو آھي. مان پاڻ بہ ھاڻي ايترو فعال ناھيان، جيترو ان وقت ھوس.،پر جڏھن ڪڏھن ڪتاب گهر کوليندو آھيان ۽ ڏسندو آھيان تہ ھزارين ڪتاب اتي موجود آھن، تہ دل وڏي ٿي ويندي آهي.

شايد مان سنڌي ٻوليءَ جي ھن ڊجيٽل سفر ۾ ھڪ گمنام سپاھي آھيان. اھڙي سپاھيءَ وانگر، جنھن جو نالو شايد تاريخ ۾ نہ لکجي، پر جنھن کي خبر ھجي تہ ھن پنھنجي وس آھر ھڪ ننڍڙي جاءِ تي پنھنجو ڪم ڪيو. مون کي اھو بہ ياد آھي تہ جڏھن مان پنھنجي بابا کي ٻڌائيندو ھوس تہ انٽرنيٽ تي سنڌيءَ لاءِ ڇا ڇا ڪري رھيو آھيان، تہ ھو خوش ٿيندو ھو ۽ مون تي فخر ڪندو ھو. اڄ بہ جڏھن اھڙي ڪا ننڍڙي ڪاميابي نظر اچي ٿي تہ دل ۾ اھو خيال ضرور ايندو آھي تہ  بابا ھجي ھا تہ کيس ٻڌايان ھا. ،شايد منھنجي ڪم جو سڀ کان وڏو انعام اھو ئي آھي تہ جيڪو ڪجهہ سوچيو ھئم، اھو ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ ڪم اچي رھيو آھي. سنڌيءَ لاءِ ڊجيٽل دنيا ۾ جيڪي بہ ننڍيون ننڍيون ڪوششون ٿيون، انھن مان ڪي شايد ھڪ ٻئي سان ڳنڍجي ڪري اڳتي وڌيون ھجن. ان وقت اسان کي خبر نہ ھئي تہ اھي ڪوششون مستقبل ۾ ڪٿي پھچنديون.

اڄ سنڌيءَ لاءِ گوگل ٽرانسليشن بہ موجود آھي. سنڌيءَ جو مواد سرچ انجڻن ۾ موجود آھي. فونٽ، ڪتاب، لغتون، ويب سائيٽون ۽ ٻيا ڪيترائي ڊجيٽل وسيلا وڌيا آھن. مان اھو دعويٰ نٿو ڪريان تہ انھن سڀني شين جو سبب منھنجو ڪم ھو. ائين چوڻ ٻين ڪيترن ماڻھن جي محنت سان ناانصافي ٿيندي. پر دل ۾ ڪڏھن ڪڏھن اھو ضرور سوچيندو آھيان تہ شايد مون بہ ان وڏي تصوير ۾ ھڪ ننڍڙو نقطو وڌو ھو.

۽ اھو احساس ڪافي آھي.

زندگيءَ ۾ ھر ڪم جو انعام فوري طور تي نٿو ملي. ڪڏھن توھان محنت ڪندا آھيو، ڪنھن کي خبر بہ نہ پوندي آھي. ڪڏھن توھان جو نالو وسري ويندو آھي، پر توھان جو ڪم رھجي ويندو آھي. ۽ ڪڏھن ڪنھن ٽٽل گهڙي، ٽٽل ٿانوَ يا ڪنھن اھڙي شيءِ جيان، جنھن کي ماڻھو بيڪار سمجهن ٿا، توھان جي ننڍڙي ڪوشش ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃي ڪم اچي ٿي.

شايد ھر ڪم لاءِ تعريف نہ ملندي. شايد ھر جاءِ تي نالو بہ نہ ايندو. پر جيڪڏھن توھان جي ڪوشش ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ کي فائدو ڏئي ٿي، ڪنھن شاگرد کي ڪتاب ملي ٿو، ڪنھن محقق کي حوالو ملي ٿو، ڪنھن پري ويٺل سنڌي ماڻھوءَ کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ پڙھڻ لاءِ مواد ملي ٿو، تہ پوءِ اھا ڪوشش ضايع ناھي وئي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر منھنجي لاءِ رڳو ھڪ ويب سائيٽ ناھي. اھو ان ڳالہ جو ثبوت آھي تہ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ننڍڙو خيال، جيڪڏھن صحيح وقت تي صحيح نيت سان شروع ڪيو وڃي، تہ وقت گذرڻ سان پنھنجي سوچ کان گهڻو وڏو ٿي سگهي ٿو.

مان ان ڪم لاءِ ڪنھن تعريف جو انتظار نٿو ڪريان.

بس ڪڏھن ڪڏھن پاڻ ئي پنھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي چوان ٿو:

شاباس، سجّاد... ھن ڪم ۾ تنھنجو بہ ٿورو حصو ھو.

۽ شايد، ھڪ گمنام سپاھيءَ لاءِ ايترو ئي ڪافي آھي.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس