درياء جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ زيان ناھي

 مان راولپنڊي وڃي رھيو ھئس. بس ۾ منھنجي ڀرسان واري سيٽ تي پنجاب سان تعلق رکندڙ ھڪ ماڻھو ويٺو ھو. سندس ڳالھائڻ جي لھجي مان مون کي اندازو ٿيو تہ ھو پنجاب جو آھي.


جڏھن بس ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي وٽان گذري تہ سامھون سنڌو درياھ نظر آيو. درياء ۾ ان وقت پاڻي جو وھڪرو بہ سٺو ھو.


اوچتو منھنجي ڀرسان ويٺل ھمراھ بار بار ”ٽِچ ٽِچ“ ڪرڻ لڳو. مون پڇيو

”ڇا ٿيو؟ طبيعت تہ ٺيڪ آھي؟

ھن چيو

”ھي ڏسو، ايترو پاڻي وھي سمنڊ ۾ ھليو ويندو. پاڻيءَ جو ڪيترو وڏو زيان آھي!“


عام طور تي سفر دوران مان ساٿي مسافرن سان بحث مباحثي کان پاسو ڪندو آھيان ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو آھيان. پر ھن ڀيري خبر ناھي ڇو، مان پاڻ کي روڪي نہ سگهيس. مون کيس سمجهائڻ شروع ڪيو تہ درياء جو پاڻي سمنڊ تائين پھچڻ پاڻيءَ جو ضايع ٿيڻ ناھي.

مون کيس چيو تہ درياء جي بلڪل آخري ڇيڙي تي رھندڙ ھاري بہ ھن پاڻيءَ تي پنھنجو گذر سفر رکن ٿا. جيڪڏھن درياء جو پاڻي ھيٺين سنڌ تائين نہ پھچندو تہ اتي جون زمينون ڪيئن آباد رھنديون؟


سمنڊ جي ويجهو سنڌ جي زمينن لاءِ تہ درياء جو مٺو پاڻي اڃا بہ وڌيڪ اھم آھي. جيڪڏھن درياء جو تازو پاڻي سمنڊ تائين پھچڻ گهٽجي وڃي تہ سامونڊي لوڻ اندروني زمينن ۽ پاڻيءَ ۾ وڌي سگهي ٿو، جنھن سان زرعي زمينون متاثر ٿين ٿيون.


مون کيس اھو بہ چيو تہ وھندڙ پاڻي جو پنھنجو ھڪ قدرتي نظام آھي. پاڻي سمنڊ تائين پھچي ٿو، اتي مان بخارات بڻجي فضا ۾ وڃي ٿو، ڪڪر ٺھن ٿا ۽ وري مينھن جي صورت ۾ زمين ڏانھن موٽي ٿو. درياء جو وھڪرو پاڻ کي بہ صاف رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ مٺي پاڻيءَ جي نظام کي سمنڊ جي لوڻياٺ کان بچائڻ ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.


منھنجي ڳالھ ٻڌندي ھو مڪمل طور تي قائل نظر نہ آيو. شايد ھن لاءِ درياء ۾ وھندڙ پاڻي جو سمنڊ ۾ وڃڻ واقعي ”ضايع ٿيڻ“ لڳي رھيو ھو.


پر سٺي ڳالھ اھا ھئي تہ ھن منھنجي ڳالھ جو برو نہ مڃيو، نہ ئي بدتميزي ڪئي. اسان پنھنجي پنھنجي خيال سان گڏ، خاموشيءَ سان سفر جاري رکيو


ان ننڍڙي سفر واري ڳالھ مون کي وري اھو سوچڻ تي مجبور ڪيو تہ درياء صرف پاڻيءَ جو نالو ناھي؛ درياء ھڪ مڪمل قدرتي نظام آھي.


پاڻي کي ھر ھنڌ روڪي رکڻ يا ان جو قدرتي وھڪرو ختم ڪرڻ سان مسئلا حل نہ ٿيندا. ڊيم ۽ واھ پنھنجي جاءِ تي اھم آھن، پر درياء جو پاڻي پنھنجي قدرتي وھڪري سان آخري ڇيڙي تائين پھچڻ ۽ سمنڊ سان ملڻ بہ اوترو ئي ضروري آھي.


درياء جي پاڻيءَ ۾ ٻين علائقن جو قانوني حصو ضرور ھجي، پر درياء جي آخري آبادين، آخري ھارين ۽ سمنڊ جي ماحولياتي ضرورتن کي بہ وسارڻ نہ گهرجي.


درياء جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ ضايع ٿيڻ ناھي؛ ڪڏھن ڪڏھن اھو ئي وھڪرو زمين، زراعت، زيرِزمين پاڻي، ماحول ۽ ايندڙ مينھن جي چڪر کي زندہ رکندو آھي.


منھنجي نظر ۾ اصل ڳالھ پاڻي کي صرف ”ڪيترو بچايوسين“ سان ماپڻ نہ، پر اھو ڏسڻ آھي تہ پاڻي پنھنجي قدرتي سفر ۾ ڪٿي، ڪيئن ۽ ڇو پھچڻ گهرجي.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس