تعويذ وارو ڪي بورڊ


سنڌي ٽائپنگ جي دنيا ۾ اڄڪلهه نوان نوان ڪي بورڊ اچي رهيا آهن. Gboard ۽ SwiftKey ۾ ته سنڌي سپورٽ اڳ ئي موجود آهي. امر فياض جو وڏن بٽڻن وارو ”گھڻ ٻولي“ ڪي بورڊ به پنهنجي جاءِ تي هڪ دلچسپ ڪوشش آهي.

HelloSindh پاران تيار ڪيل اسمارٽ سنڌي ڪي بورڊ به مون کي خاص طور وڻندو آهي. ان ۾ مختلف لي آئوٽس آهن، جن مان BlackBerry انداز وارو اسمارٽ سجيسشن ۽ لفظ چونڊڻ وارو طريقو منهنجو ذاتي پسنديده آهي.

انهن سڀني ڪوششن کي ڏسندي مون به سوچيو ته ڇو نه ڪجهه مختلف ڪري ڏسجي؟

سو، مون مزاق ۽ تجربي طور 8Pen طرز جو هڪ سنڌي ڪي بورڊ فورڪ ڪيو.

مون کي خبر آهي ته شايد ڪو ماڻهو هن کي پنهنجو روزاني سنڌي ڪي بورڊ نه بڻائي. پر منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن جي طريقي کي سمجهي، هڪ هفتي مسلسل استعمال ڪري، ته ان جي اسمارٽ لفظ مڪمل ڪرڻ واري سهولت ۽ هٿ جي يادگيري (muscle memory) گڏجي کيس سنڌي وڌيڪ تيزيءَ سان ٽائپ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.


في الحال هي گوگل پلي اسٽور يا ڪنهن ٻئي اسٽور تي موجود ناهي. مون ان کي GitHub تي رکيو آهي، جيئن جيڪو ماڻهو تجربو ڪرڻ چاهي، اهو ڏسي ۽ آزمائي سگهي.

https://github.com/sajjad22/taveezwarokeyboard

سچ پڇو ته مون کي سڀ کان وڌيڪ خوشي ان وقت ٿي، جڏهن مون پنهنجي ٺاهيل شيءِ کي واقعي ڪم ڪندي ڏٺو.

شايد اها ڪا وڏي ايپ نه هجي، شايد ان کي هزارين ماڻهو استعمال نه ڪن، پر پنهنجي هٿ سان ڪا نئين شيءِ ٺاهڻ ۽ پوءِ ان کي ڪم ڪندي ڏسڻ جو مزو ئي الڳ آهي.


۽ پوءِ چارُو کي جڏهن هي ڪي بورڊ ڏيکاريم ته هن جو تبصرو ٻڌي ته مون کي ڏاڍو مزو آيو:


«”هي ڪي بورڊ آهي يا تعويذ؟“»


مون کي هي نالو ايترو وڻيو، جو هاڻي ”تعويذ وارو ڪي بورڊ“ ئي وڌيڪ مناسب لڳي ٿو. 😄


نه ته منهنجي ذهن ۾ ان جو نالو رکڻ لاءِ ”چريو چرخو“ جهڙو ڪو نالو هلي رهيو هو!

منهنجو خيال آهي ته هر ڀيري ساڳيو ڪم ڪرڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه مختلف ۽ منفرد به آزمان گهرجي.

هر تجربو ڪامياب ٿيڻ ضروري ناهي. ڪڏهن شيءِ ماڻهن جي ڪم ايندي، ڪڏهن صرف پاڻ کي ڪجهه نئون سيکاريندي. پر ٻنهي صورتن ۾ توهان ڪجهه حاصل ڪيو.

منهنجي لاءِ هي به اهڙو ئي هڪ ننڍڙو تجربو آهي، هڪ عجيب، ٿورو چريو، پر پنهنجو ٺاهيل ”تعويذ وارو ڪي بورڊ“.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس